ڄام نواز علي (رپورٽ: امداد علي بلوچ) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ وحشي جوابدار پاران 8 سالن جي ٻارڙيءَ سان مبينا ڏاڍائي، نياڻي رتو رت، علاج لاءِ اسپتال داخل. ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڄام برانچ وٽ جوابدار سومار ڀيل پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي بگا ڀيل کي کڻي ڪيلن جي فصل ۾ وڃي مبينا ڏاڍائي ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، ڏاڍائي جو نشانو بڻيل معصوم ٻارڙيءَ کي سندس پيءُ امولک ڀيل ٻيراڻي ٿاڻي تي کڻي آيو، جتي جوابدار سومار ڀيل جي خلاف پوليس کي دانهن ڏني، ٻيراڻي پوليس پاران کين ليٽر جاري ڪيو ويو جنهن بعد معصوم ٻارڙيءَ کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ڄام نواز علي داخل ڪيو ويو . ٻيراڻي پوليس موجب معصوم ٻارڙيءَ جا مائٽ کيس ساڻ ڪري ٿاڻي تي کڻي آيا، جن کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ ايندي ته ڪيس داخل ڪنداسين. جڏهن ته ٻارڙيءَ جي چاچي ٽلو ڀيل ٻڌايو ته ٻارڙيءَ کي سومار ڀيل ورغلائي کڻي وڃي ڪيلن جي باغ ۾ ڏاڍائي ڪري اتي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، معصوم ٻارڙيءَ کي ٿاڻي تي کڻي آياسين پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏنو آهي. اسان سان ظلم ٿيو آهي جوابدار کي فورن گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. پوليس ٻيراڻي پوليس ڄام نوازعلي ۾ ڇاپو هڻي معصوم ٻارڙي بگا ڀيل سان مبيناجنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار سومار ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو، معصوم ٻارڙيءَ جي پيءُ امولک ڀيل جي فرياد تي ٻيراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.