نوشهره (م ڊ) نوشهره ۾ مڙس ڀيڻ سان گڏجي گهرواري کي زنده ساڙي ڇڏيو، ڊي پي او نوشهره مطابق نوشهره جي اڪبر پوره واري علائقي ۾ گهريلو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي گهرواري کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ گاسليٽ هاري مبينا طور باهه ڏئي ڇڏي، متاثر عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو، ذريعن موجب ساهرن ۾ هر روز جهيڙي سبب مقتولا پيڪين هلي ويندي هئي، 2 ڏينهن اڳ مائٽن کيس راضي ڪري ساهرين گهر موڪليو هو.