پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت کان اڳ گرفتاري منظور ڪري ورتي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس لعل خان جي سربراهي ۾ بينچ محمد صفدر جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ڪيپٽن (ر) صفدر نيب گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي عدالت محمد صفدر جي غير موجودگي تي فيصلو 22 اپريل تائين ملتوي ڪيو هو. نيب ڪيپٽن (ر) صفدر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ فنڊن ۾ گهوٻين جي انڪوائري ڪري رهيو آهي. عدالت مان ضمانت جي منظوري کانپوءِ محمد صفدر هاءِ ڪورٽ ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا. ان موقعي تي هن چيو ته مدينه منوره ۾ گهريل دعائون قبول ٿي ويون، ضمانت ملڻ تي خوش آهيان ۽ انصاف ملڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ٿورائتو آهيان.