ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ وچ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ريلوي ٽريڪ ساڍا ٽي مهينا گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگھيا آهن. ڪوٽڙي ڄامشورو ۽ سيوهڻ وچ ۾ ٽريڪ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته سيوهڻ ۽ بوبڪ اسٽيشن وچ ۾ ٽريڪ ٻن هنڌن تي هن وقت تائين متاثر آهي برساتي ٻوڏ سبب ريلوي ٽريڪ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي ڪراچي ۽ ڪوٽڙي کان نڪرندڙ مختلف ٽرينن جا روٽ هن وقت تائين بحال ناهن هي سگھيا ساڍن ٽن مهينن کان ٽرينن جي آمد و رفت مڪمل طور تي معطل آهي، ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ بولان ميل، ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس, ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻو ويندڙ موهن جو دڙو ايڪسپريس ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿيڻ ڪري اڃان تائين هلي ناهن سگهيون. ريلوي انتظاميا موجب ٽريڪ چار مختلف هنڌن تان ٻوڏ جي پاڻي سبب متاثر ٿيو، جن مان ٻن هنڌن تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ريلون جا ٽريڪ بحال ڪري هلائڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگھي ٿو ڪم جاري آهي ريلوي عملو ڪيترن ئي ڏينهن کان ٽريڪ جي سار سنڀال جي ڪم ۾ مصروف آهي ٽريڪ جي بحالي کانپوءِ ئي ٽرينن جي آمد و رفت شروع ٿي سگهي ٿي.