ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جي رهائش لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ هاسٽل جي اڏاوت ۾ غلط رٿابندي سبب ڪروڙين رپيا ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڪستان هائير ايجوڪيشن ڪميشن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي شاگردن جي رهائش لاءِ نئين هاسٽل جوڙڻ جي سلسلي ۾ ڪروڙين رپين جو فنڊ جاري ڪيو هو، وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ 9 فيبروري 2022ع تي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. مليل ڄاڻ موجب هاسٽل جي سامهون واري مک روڊ کان 5 فوٽ هيٺ هاسٽل جو بنياد رکيو ويو آهي، جنهن ڪري برساتن دوران هاسٽل جي ڪمرن اندر گوڏي جيڏو پاڻي بيهڻ جو خدشو آهي. مليل ڄاڻ موجب پي جي هاسٽل سامهون واري مک روڊ کان 5 فوٽ مٿي تعمير ڪرڻي هئي، قدرتي برساتن ۽ هاسٽل جي ڊرينيج سسٽم جي ڪابه رٿابندي نه ڪئي وئي آهي.  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان جوڙايل عمارت کي ضايع ٿيڻ کان بچائي ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.