سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي شهر ۾ نيشنل ٽاسڪ فورس ڪراچي جي ٽيم ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي وڏي تعداد ۾ غيرمعياري دوائون هٿ ڪري ورتيون. ڪيترائي ميڊيڪل اسٽور ٽيم جي ڇاپن جو ٻڌي اسٽور بند ڪري فرار ٿي ويا. ميڊيڪل ٽيم دوائن جا سمپل کڻي ليباٽري موڪلي ڇڏيا،  رپورٽ اچڻ بعد ميڊيڪل اسٽورن وارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. سيراڻي شهر ۾ نيشنل ٽاسڪ فورس ڪراچي جي ٽيم ڊاڪٽر فوڪل پرسن ڊرگ انسپيڪٽر نريش ڪمار بدين، ڊاڪٽر محمد رضوان، ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ ٻڌايو تہ اسان دوائن جا سمپل ورتا آهن جيڪي ليباٽري موڪلينداسين ۽ رپورٽ اچڻ بعد قانوني ڪاروائي  ڪري اسٽور سيل ڪنداسين.