ڪوٽڙي (رپورٽ)ڄامشوري ضلعي ۾ گذريل هڪ مهيني کان نوجوانن پاران منشيات خلاف هلندڙ تحريڪ زور وٺي وئي آهي، وهستان جي علائقي هٻڪاڻ ۾ نوجوان سماجي ورڪر نظير علياڻي، شوڪت سھراب پالاري، ايوب پالاري، آصف پالاري، ڀائي خان پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري کي خطاب ڪندي نظير علياڻي چيو ته سڄي ضلعي ۾ نوجوان روڊن تي نڪتل آهن پر پوليس منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري ڪنهن به وڏي ڊيلر ۾ هٿ وجهڻ بدران نشو ڪندڙ موالين کي پڪڙيو پيو وڃي، هن چيو ته جيسيتائين سڄي ضلعي مان منشيات جي لعنت ختم نه ٿيندي تيسيتائين احتجاج جاري رهندو، ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ پاران ستار لهر جي اڳواڻي ۾ پڻ ڪوٽڙي جي سائيت ايريا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري ۾ نوجوان سان گڏ ننڍڙن ٻارن به شرڪت ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ستار چيو ته ايس ايس پي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي تنهن ڪري کيس فوري طور هٽايو وڃي. هوڏانهن اڄ سيوهڻ ۾ سيوهڻ سوشل فورم پاران ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي پئي وڃي جڏهن ته ايس ٽي پي جي سڏ تي ڄامشوري ۾ پڻ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو.