ملير (رپورٽر) ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ واپاري کان اي ميل ذريعي 10 ڪروڙ رپيا ڀتو طلب ڪندڙ جوابدار گرفتار، ملزم پاران واپاري ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل، جاچ شروع. خبر موجب ميمڻ ڳوٺ ويجهو واپاريءَ کان اي ميل ذريعي ڀتو طلب ڪندڙ جوابدار گل زمان عرف عجوبا خان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب پي اي سي ايچ ايس سوسائٽي جي رهائشي واپاري عمران عتيق پاران ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ايف آءِ آر درج ڪرائي وئي،جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته منهنجو ميمڻ ڳوٺ ويجهو هاشم جوکيو ڳوٺ ۾ حسين ڊي سلوا فارم موجود آهي، جتي قالين جو ڪاروبار ڪندو آهيان. جوابدار نالي گل زمان عرف عجوبا خان اي ميل ڪري مون کان 10 ڪروڙ رپيا ڀتو طلب ڪيو. اي ميل ۾ ڄاڻايو ويو ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ تنهنجي گهر، گدام ۽ ٻي اُٿڻ ويهڻ جي مڪمل ڄاڻ آهي ان لاءِ بهتر آهي ته تون 10 ڪروڙ رپين جو بندوبست ڪر، ٻي صورت ۾ توکي نقصان پهچايو ويندو، جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهين. ايس ايس پي ملير موجب اهڙي درخواست بعد ٽيڪنيڪل سپورٽ سسٽم جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.