ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ حيات هاليپوٽو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن حملو ڪري ڳوٺاڻن جون 15 رڍون ماري ڇڏيون، ڀاڳين جو لکين رپين جو نقصان، يوسي سيڪريٽري تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج خبر موجب ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ حيات هاليپوٽو ڀرسان جهنگ ۾ رات جو رولو ڪتن وٿاڻ حملو ڪري ڀاڳين جون 15 رڍون ماري ڇڏيون. ڳوٺاڻن خير محمد هاليپوٽو، هوٿي خان، ابراهيم، سليمان، جاني خان، فهيم، سلطان ۽ شاهد هاليپوٽي دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ جانورن ۽ ماڻهن تي رولو ڪتن جا حملامعمول بڻيل آهن. ڀاڳين جو لکين روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي پر يوسي جهنجهي جو سيڪريٽري ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.هنن وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪم باوجود مبارڪ رند ٿاڻي جي پوليس نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس ڪتا مار مهم شروع ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.