شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ڀرسان اناج وڪرو ڪري واپس ويندڙ پرائمري استاد کي اغوا ڪري نشو ڏيڻ بعد 3 لک 50ھزار ڦر ڪيا ويا، اناج منڊي ۾ اناج وڪرو ڪري واپس پنھنجي ڳوٺ حاجي شاھ محمد ڏانھن واپس ويندڙ پرائمري استاد ميان بخش بروھي کي موٽر سائيڪل سوار شاھينگ زبردستي نشو ڏئي 3 لک 50 ھزار ڦري فرار ٿي ويا، ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڀرپاسي جي ماڻھن پرائمري استاد کي بيھوشي واري حالت ۾ آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي 10 ڪلاڪ تائين پرائمري استاد ھوش ۾ نه اچي سگھيو ھو.