ٽنڊومحمدخان (رپوٽر) ٽنڊومحمدخان شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرمي هئڻ باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي بجلي 8 کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهڻ ڪري شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهياآهن، ڪيترن ئي علائقن قريشي محله ، مير محله ، ساٽي پاڙو ، بهراڻي پاڙو ، نصير آباد ، پير پاڙو ، شوڪت ڪالوني ، مشترڪا ڪالوني ۽ ٻين علائقن جي مسجدن ۾ نمازين لاء وضو جو پاڻي پڻ ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شهرين کي سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، ان حوالي سان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي شهرين عبدالڪريم ميمڻ ، ارشد علي ، محمد آصف ۽ ٻين چيو ته ٽنڊومحمد خان ۾ حيسڪو عملدارن جي نااهلي هئڻ ڪري سخت گرمي ۾ بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ٿيڻ سبب شهري سخت پريشان آهن هنن اعلى اختيارين کان ٽنڊومحمدخان شهر ۽ ڀرپاسي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي