ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي فيز ٽو ۾ ٽي ڏينهن اڳ هٿوڙا ھڻي قتل ڪيل ناري ۽ عورت کي زخمي  ڪرڻ واري واقعي  جي جوابدار کي پوليس دادو مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ٽي ڏينهن اڳ گهر اندر داخل ٿي 24 ورهين جي ناري ريشما مصراڻي کي هٿوڙا ھڻي قتل ڪرڻ ۽ سندس  ماءُ کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار انيس ولد مدد علي ملاح کي ڄامشورو پوليس دادو مان گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ کيس ڄامشورو ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جو ڪيس به ناري جي مامي محمد حنيف مسراڻي جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جوبدار انيس ڏوھ جو اعتراف به ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي انچارج سوسائٽي اياز ٻڳهيو ٻڌايو ته جوابدار انيس ناري جي گهر ۾ ملازمت ڪندو هو ڪجه ڏينهن اڳ ڪنهن معاملي تي گهر ڀاتين ۽ نوجوان وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي جنهن کان پوءِ جوابدار ڪاوڙ م اچي ناري کي هٿوڙا هئي قتل ۽ سندس ماءُ کي زخمي ڪيو هو، گرفتار جوابدار ڏوه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي.