ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽر اوڀر جي عدالت عورت کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ، سندس اعتراض  جوڳيون تصويرون وائرل ڪرڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل جوابدار جاويد اشرف کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو. ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار محمد جاويد عورت جون اعتراض جوڳيون تصويرون وائرل ڪيون، هو  عورت کي ڌمڪيون ڏئي آهي. جاچ آفيسر موجب جوابدار کي ڄاڻايل عورت جي شڪايت تي گرفتار ڪري سندس قبضي مان عورت جون تصويرون ۽ ٻيون شيون حاصل ڪيون ويون آهن.