گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ۾ معصوم نينگري شينا ڪولاچي سان زيادتي جي ڪوشش وارو ماملو، جوابدار جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. ڪولاچي برادريءَ جي يحييٰ خان ڪولاچي، حاجي سلطان احمد، غلام اصغر، محمد علي، خالد حسين، حبيب الرحمان ڪولاچي ۽ ٻين احتجاجي مظاهري بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 8 سالن جي معصوم نينگري شينا ڪولاچيءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار شعيب لاکو جي وارثن پاران ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. گهوٽڪي پوليس پنهنجي مرضيءَ سان ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدار شعيب لاکو کي بچائڻ چاهي ٿي. هنن جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدر جا وارث ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ فريادي ڌر کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪيءَ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نياڻي شينا ڪولاچيءَ سان انصاف ڪيو وڃي.