حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڀٽائي نگر ٿاڻي تي 12 ڏينهن اڳ مبينا طور الماري کي لڳل باهه واري معاملي ۾ ايس پي  ڪينٽ انڪوائري مڪمل ڪري ڇڏي، اڄ رپورٽ ايس ايس حوالي ٿيڻ جا امڪان آهن، لاپرواهي جي الزام ۾ معطل ٿيل ننڍو منشي ۽ وڏو منشي اڃا تائين ٿاڻي تي قابض آهن. ان ڏس ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کي 12 ڏينهن گذرڻ باوجود لاپرواهي جي الزام هيٺ معطل ٿيل ٻئي منشي اڃا تائين ٿاڻي تي قابض آهن جن کي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او حق نواز لولائي جو آشيرواڌ آهي. معاملي جي جاچ ڪندڙ ايس پي ڪينٽ احمد چوڌري دعويٰ ڪئي ته هن ايس ايس پي جي حڪم بعد جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ هو جاچ رپورٽ ايس ايس پي حوالي ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن معطل ٻئي منشي ٿاڻي تي موجود آهن ته هو ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي کي درخواست ڪندو. ٿاڻي تي ٻنهي منشين جي موجودگي بابت موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو. واضح رهي ته 12 ڏينهن اڳ ڀٽائي نگر ٿاڻي ۾ ننڍي منشي ابو طالب سيال جي ڪمري کي انوکي انداز ۾ باهه لڳي جنهن دوران ڪمري ۾ پيل هڪ الماري جو اندريون حصو متاثر ٿيو جڏهن ته ڪمري ۾ پيل ٻي الماري توڙي ٻيو سامان بچي ويو هو.