حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) اينٽي ڪرپشن سينٽرل ڪورٽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي مبينا خرد برد واري ڪيس ۾ رقم واپس ڪندڙ 3 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. سينٽرل ڪورٽ جي جج نسيم جلال سومرو جوابدار هريش ڪمار، عرفان ميمڻ ۽ فيصل معراج الدين کي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 30-30 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. هفتو اڳ جوابدار هريش ڪمار 5 لک 60 هزار 179 رپيا، جوابدار عرفان ميمڻ 18 لک 24 هزار 416 رپيا ۽ جوابدار فيصل معراج الدين 80 هزار رپيا رقم جمع ڪرائي هئي جنهن بعد ٽنهي جوابدارن وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون. وڪيلن عدالت ۾ دليل ڏنا ته جوابدارن خرد برد واري رقم جمع ڪرائي آهي ان لاءِ هاڻي سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت انشورنس ڪمپني جي مينيجر پاران جمع ٿيل رقم جا تفصيل پيش ڪرڻ ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٽنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي سندن آزادي جو حڪم ڏنو..