ڄامشورو ضلعي جي فنڊز ۾ گهوٻيون، ڊي سي عدالت نه آيو، جاچ جو حڪم

0
449

حيدرآباد/ڪوٽڙي(نمائندن وٽان) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڊي سي ڄامشورو مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

عدالت ڄامشورو ضلعي ۾ متاثرن لاءِ مليل فنڊز جي نيب کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته نيب پراسيڪيوٽر ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي جاچ بابت آگاهه ڪري

عدالت اي ڊي سي کي ڇنڊ ڪڍندي چيو ته توهان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي، اها رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي، ڊي سي ڇو نٿو اچي، عدالت کان مٿي ڪير به نه آهي، ڊي کي پيش ٿي جواب ڏيڻو پوندو

عدالت ڊي سي ڄامشورو کي 13 سيپٽمبر تي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي اسيمبلي رُڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

دادو ۾ 3 گهر بچائڻ لاءِ ڊي سي کان ڪٽ ڏياريا ويا، نالا ٻڌائيندس ته توهين عدالت لڳندي: مرتضيٰ وهاب