ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھه ۾ ٻن آزاد اميدوارن  پي پي ۽ ھڪ لطيفي پينل جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو آھي.  وارڊ 6 تي آزاد اميدوار ڪرم علي خاصخيلي لطيفي پينل جي  منيراحمد کوسو جي حق ۾ ھٿ کنيو ـ جڏھن تـ وارڊ نمبر 1 تي آزاد اميدوار افضل لاشاري ـ پي پي اميدوار سيد خاورحسين شاھه جي حق ۾ دستبردار ٿي  ويو آھي، پي پي اڳواڻ سردار غلام مصطفيٰ لاشاري ۽ وڏيرو محمد خان جوڻيجو بـ ڀٽ شاھه پھچي پي پي اميدوارن جي حمايت ڪئي.