ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر  ۾ آزاد اميدوار جگسي  ڪولهي جي مبينا اغوا ۽ ايم پي اي قاسم سومرو جي بنگلي تي حملي جو  پ پ  جي باغي اڳواڻ ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم عبدالغني کوسو ، سندس ڀائٽي عبدالغفور، حاڪم کوسو، شهباز کوسو ، ناصر ڪنڀر ،  مبارڪ کاڙڪ ، چيتن مهراج سميت سندس 22 حامين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي . جڏهن ته ننگرپارڪر پوليس مختلف هندن تي چڙھايون ڪري باغي اڳواڻ جي 13 حامين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ننگرپارڪر پوليس  گرفتار حامين جي گرفتار ظاهري نه ڪئي وڌيڪ گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو جي مائٽ ۽ سومرا  هائوس ننگرپارڪر جي انچارج الهداد سومرو جي فرياد تي عبدالغني کوسو ۽ سندس 22 رشتيدارن ۽ حامين مٿان  بنگلي ۾ هٿيارن سان قتل جي ارادي سان داخل ٿيڻ  ۽ فائرنگ ڪرڻ واري قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ 11 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي 11 ڄڻن کي ڏسي سڃاڻپ ڪئي ويندي . گرفتار ٿيلن ۾ ناصر ڪنڀر ، چيتن مهراج ، ديدار کوسو ، شريف کوسو ، دلبر کاڙڪ ، دوست علي کوسو ، احمد خان کوسو ، جاويد کوسو  ۽ ٻيا شامل آهن  جڏهن ته عبدالغني کوسو  ، شهباز کوسو ، عبدالغفور کوسو ۽ جوار سنگه ٺڪر جي گرفتارين کان اڳ واري  ڪچي ضمانت مٺي جي ايڊيشنل سيشن جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت 30 , 30 هزار عيوض منظور ڪري ورتي آهي .