ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ڀرسان کنڊو کان دريا خان ٽالپر روڊ مڪمل طور اکڙي ويو، روڊ جي نئين سر مرمت لاءِ ڳوٺاڻن پاران کنڊو لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شڪورناز خاصخيلي، ذوالفقار سولنگي، گلشير، فدا خاصخيلي، وزير علي، راجا سنگراسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ اکڙي تباهه ٿي ويو آهي، جنهن سبب سفري سهولتن کان محروم آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي روڊ ٺهرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.