راڄوخاناڻي/ ملڪاڻي/ نئون دمبالو (نمائندا) ضلع بچايو تحريڪ جي سڏ تي بدين ضلع ۾ پنجن مهينن کان جاري پاڻي بحران آبادگارن کي هڪ ڀيرو وري رستن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو، ضلع بچايو تحريڪ ٻيهر احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي، ڌرڻا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن راڄوخاناڻيءَ جي سلطاني واهه ۽ ان مان نڪرندڙ شيخاڻي شاخ ۽ ٻهرو شاخ ۾ گذريل ڪيترن مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف ۽ ضلع بچايو تحريڪ ۽ سياسي سماجي اتحاد راڄوخاناڻي جي سڏ تي سوين آبادگارن راڄوخاناڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين سڄي شهر مان ٿيندا ماتلي تلهار مين روڊ تي پهتا، جتي هنن نٽهڻ اس ۾ تتل روڊ تي 4 ڪلاڪ تائين ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏيون بيهجي ويون. مظاهري ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن محمد حنيف، مير عاشق ٽالپر، محمد حسن جعفري، خاڪي جاني، شامل آرائين، چوڌري لياقت ۽ ٻين چيو ته سلطاني واهه ۽ ان مان نڪرند شاخن شيخاڻي، ٻهرو شاخ ۾ گذريل ڪيترن مهينن کان پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي، مجبورن ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته سيڊا ۾ اهم عهدي تي ويٺل شخص راڄوخاناڻي وٽ سلطاني واهه جي ريگيوليٽر جا در ٽوڙائي ڇڏيا آهن ۽ هو پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي پاڻي چوري ڪرائي رهيو آهي. مئي جو مهينو به ختم ٿيڻ وارو آهي پر اڃان تائين سارين جي ٻيجاري لاءِ به پاڻي ناهي ڏنو ويو. هنن چتاءُ ڏنو ته مسئلو حل نه ٿيو ته سيڊا جي آفيسن جو گهيرو ڪيو ويندو. ٻئي طرف ضلع بچايو تحريڪ سياسي سماجي اتحاد راڄوخاناڻي ۽ آبادگارن اعلان ڪيو ته خميس تي 11 وڳي ٻيهر سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڀرپور مظاهرو ڪري سڄو ڏينهن ڌرڻو هنيو ويندو. هاڻي هي احتجاج جو سلسلو پاڻي کوٽ ختم ٿيڻ تائين جاري رهندو. ٻئي طرف ملڪاڻي شريف ۾ آبپاشي سب ڊيوزن خيرپور گنمبوھ جي پوڇڙ واري شاخن جي آبادگارن جرڪس، ٻنگار، کوسڪي، آئلپور شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد پنگريو جھڏو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ايريگيشن عملي خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي، بعد آبادگار بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ويهي رهيا. هوڏانهن نئون دمبالو، ڪڍڻ ۽ ٻين شهرن مان پڻ آبادگارن جي احتجاج جا اطلاع آهن.