نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ويجهو ڪجھه ڏينھن پھرين اغوا ڄاڻايل نينگري بازياب نه ٿي، پوليس پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران مغوي نينگريءَ جي والد تي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون، تفصيل موجب نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ولي محمد احمداڻيءَ مان ڪجھه ڏينھن اڳ هٿيابند پوري خاندان کي يرغمال ڪري 13سالن جي نينگري ياسمين ڌي يعقوب احمداڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا. نينگريءَ جي والد يعقوب احمداڻيءَ ميڊيا نمائندن اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته سندس نياڻي جي عمر 13 سال آھي، هن پنهنجي نياڻيءَ جو ڄم سرٽيفڪيٽ پڻ ڏيکاريو جنھن مطابق ياسمين بنت يعقوب احمداڻي جي جنم ڏينھن جي تاريخ 20/12/2008 آھي. نينگريءَ جي والد موجب ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويس پر ايس ايچ او کٿو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن احتجاج ڪندين ته توتي ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيندس. نياڻيءَ جي ماءُ روئيندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين ۽ ڊي ايس پي ماتلي کان مطالبو ڪيو ته سندن نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي طرف ايس ايچ او عاشق لُنڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون وٽ ڇوڪري جو نڪاح نامون پھچي ويو آھي، آئون ڪجھ نٿو ڪري سگھان، ڇوڪري پسند جي شادي ڪري ڇڏي آھي.