تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ڀرسان ڀٽائي ڪالوني ٿاڻي تي جج ڇاپو هڻي 20 ڏينهن کان ناحق باندي بڻايل 2 ڳوٺاڻن عبدالغفور ڀنگوار ۽ شاهمور ڀنگوار کي آزاد ڪرايو. اياز ڀنگوار جي درخواست تي سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر عبدالقيوم گشڪوري ڀٽائي ڪالوني جي باسڪٽ پڪٽ تان نوجوان آزاد ڪرايا، ايس ايچ او ڀٽائي ڪالوني کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم لکت ۾ جاري ڪيو ويو.