خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ زال جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل. خبر موجب خيرپور جي ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ عورت جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران مقتولا شمشاد شيخ جي مڙس جوابدار نادر حسين شيخ  مٿان زال جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار کي هڪ سال وڌيڪ قيد ڪاٽڻي پوندي. ياد رهي ته قطب پاڙي پريالوءِ ۾ 7 جنوري 2021ع تي جوابدار نادر شيخ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهر واري مسمات شمشاد شيخ کي قتل ڪيو هو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو.