نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، سمورا رستا گندي پاڻي جو تلاءُ بڻيل آهن، جنهن ڪري شھري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ شھرين وڌندڙ گندگيءَ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي شھرين ماهنور شيخ، يونس راڄپر، امين راڄپر، نويد راڄپر، خالد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته نوشھروفيروز ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا جي لاپرواھي سبب ضلع ھيڊ ڪوارٽر وارو شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، شھر جا اھم رستا ۽ چوڪ ريشم بازار روڊ، ھيٺائين چوڪ، اسٽيشن روڊ، مين روڊ، مٺياڻي روڊ، انصاف چوڪ، پڊعيدن روڊ، ٺاروشاهه روڊ گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آهن، هنن چيو ته شھرين لاءِ اچ وڃ جا رستا بند ٿي ويا آھن پر ميونسپل انتطاميا ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.