ڄام شورو (رپورٽر)  سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 342 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڀٽائي امن محبت ۽ ڀائيچاري جي راهه ڏني ۽ پنهنجي شاعري ذريعي پوري انسانيت سان محبت جو درس ڏنو آهي، جيڪڏهن اسين شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري ۽ درس تي عمل ڪريون تـ پاڻ ۾ نفرتون، بدامني ۽ تڪرار مڪمل طور تي ختم ٿي وڃن. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو رسالو ۽ سندس وجود سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ آدرشي نمونو آهي، مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه عظيم هو، ڀلا ڀاڳ سنڌ جا شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جهڙو عظيم صوفي بزرگ ۽ لافاني شاعر هتي پيدا ٿيو. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته  شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي شاعريء ذريعي جيڪو پيغام ۽ فهم اسان تائين پهچايو آهي ان جي هوندي ڪڏهن به سنڌي ٻوليء جي ختم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. اسان وٽ هر تقريب ۾ جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جا بيت پيش نه ٿين ته اها محفل ڄڻ ته اڌوري لڳندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جيڪو ڪنهن بحر کان گهٽ ڪونهي، جنهن جو فلسفو ۽ پيغام ڪنهن عام ماڻهو جو ناهي. ڀٽائي به هڪ بحر بي ڪنار آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو پيغام اسان لاء هدايت سان گڏ جستجو ۽ محنت جو پيغام آهي. لطيف سائين ڪنهن حال يا ماضي جو نه پر هر دور جو شاعر آهي.