ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي روڊ ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان وٽ مسافر ويگن تيز رفتاري سبب بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي، ڊکڻ واسي لعل بخش عرف اجن هوتاڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا ماجد جيهو،حيدر شيخ ۽ عمران خروس زخمي ٿي پيا،زخمين کي ڊکڻ جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته ويگن تيز رفتاري سبب روڊ کان لهي بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي،جڏهن ته  فوتي ڳوٺاڻي لعل بخش هوتاڻي جو لاش ڊکڻ لڳ ڳوٺ هوتاڻي پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام پئجي ويو فوتي لال بخش هوتاڻي ڊکڻ ۽ رتوديرو ۾ ڪاسائپو ڪم ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو هو.