ڀٽ شاھ  (ن پ ا) سنڌ جي سر موڙ شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 342 ھون جشن ولادت اڄ 23 جنوري پهرين رجب تي ڀٽ شاھ جي نگري ۾ عقيدت۽احترام سان ملھايو ويندو روايت موجب اڄ 23 جنوري بروز سومر جي شام جو 5 بجي درگاھ جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي جي اڳواڻي ۾ مزار تي چادر چاڙھڻ واري رسم ادا ڪئي ويندي ۽ بعد۾ مزار جي احاطي ۾ جشن ولادت جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو، جنهن ۾ ڀٽائي خاندان جا سادات، شاھ لطيف فائونڊيشن ،لطيفي جماعت جا اڳواڻ، صحافي، لطيف سائين جا عقيدتمند ۽ پانڌيئڙا به شرڪت ڪندا، درگاهه ڀٽائي کي جشن جي سلسلي ۾ رنگ برنگي بلبن، جهالرن ۽ شاھ لطيف فائونڊيشن جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي جڏهن ته پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي طرفان به پنهنجي فقرہ جماعت سان گڏ مزار تي الڳ چادر چاڙهي ڪيڪ ڪٽيو ويندو ۽ ثقافت کاتي طرفان به مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي ، ضلعي انتظاميا طرفان ڀٽ ڌڻي جي جشن ولادت جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، درگاھ جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي جو چوڻ آهي ته مرشد لطيف سرڪار جو 342 هون جشن ولادت آهي جنهن کي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو ۽ شاھ سائين کي سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪٽي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جشن ولادت ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ، درگاهن جا سجاده نشين ۽ مريد وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا.