نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نواب ولي محمد ڀرسان مرزا پور ٿاڻي جي حد ديھه ٻنڀائي ۾ ڪجهه عرصو اڳ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل ڀنڊ برادري جي 5 ڄڻن ٽوهه فقير ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، صابن ڀنڊ، اياز ڀنڊ ۽ معشوق ڀنڊ جي ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدارن غلام شبير زرداري، لطف مري، غلام مصطفيٰ مري، مشتاق ماڃوٺو، مقيم خاصخيلي ۽ پوليس سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو جي قتل ڪيس ۾گرفتار ٽن جوابدارن اميد علي زرداري، برڪت علي زرداري ۽ منظور زرداري کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جوابدارن جو وڪيل نه اچڻ سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.