ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي نئين آيل ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو چيو آهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعو پرامن ضلعو آهي ، منشيات جي وڪري کي بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجا عملدارن کي سخت کان سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ، منشيات جي سرپرستي ۾ ملوث جيڪي به پوليس عملدار ۽ اهلڪار ملوث هوندا ته سندن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪاروائي ڪئي ويندي ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته  علائقي مان مين پوڙي گهٽڪي جي فيڪٽري تي لڳل ڇاپي جي جانچ مڪمل ٿي نه سگهي آهي نه وري مين پوڙي گهٽڪي جي وڪري جو مڪمل خاتمو اچي سگهيوآهي، هن اهو به واضع ڪيو ته هن ڪينسر جهڙي ڪاروبار ۾ ڪيترائي بااثر ڏوهاري شامل آهن جيڪي اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا آهن ، جنهن جي گرفتاري لاءِ خاص پوليس فورس جوڙي ويئي آهي، علائقي جي اندر ڏوهن جي ڪنٽرول لاءِ روڊن رستن تي سنيپ چيڪنگ جي سلسلي کي تيز ڪيو ويو آهي، جلد ئي ضلعي کي مڪمل منشيات کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ ضلعي اندر سيمينار ۽ پروگرام منعقد ڪرائي عوام کي منشيات جي واهپي ۽ نقصان بابت آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي.