ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا ۽ ٽائون آفيسر ڀرياسٽي ٽائون ڪاميٽي جي وائيٽ ڪالر سينيٽري ورڪرز کان 12 سالن کان پوءِ شھر ۾ صفائي جو ڪم شروع ڪرايو، ان سلسلي ۾ اي سي شاھد سرڪي ۽ ٽائون آفيسر نديم سولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته 34 وائيٽ ڪالر ملازم 12 سالن کان گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا ھئا، انھن مان 15 ملازم کان شھر جي مختلف ھنڌن تي صفائي جو ڪم شروع ڪرايو آھي، باقي رھيل 19 وائيٽ ڪالر ملازمن کي پڻ نوٽيس موڪليو آھي، ڊيوٽي نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين برطرف ڪيو ويندو، ھنن ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي ڀريا جي ملازمن جي  رھيل پگھارن لاءِ مٿي لکيو آھي، انشاءَ الله جلد کين رھيل پگھارون جاري ڪيون وينديون، ذريعن موجب ڀرياسٽي ٽائون ڪاميٽي ۾ 34 وائيٽ ڪالر ملازم سياسي آشيرواد سان گذريل 12 سالن کان گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا ھئا، جن کان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊيوٽي ڪرائي وئي.