جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ويجهو مينهن کي پاڻي پيارڻ دوران پير ترڪڻ سبب نوجوان پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت، خبر موجب ڳوٺ جاڙي واسي نوجوان طفيل ڏاھري ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ مينهن کي پاڻي پياري رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي نوجوان جو لاش ڪڍي گهر منتقل ڪيو، نوجوان جو لاش آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي والد عبدالفتاح ڏاھري ٻڌايو ته پٽ مينهن کي پاڻي پيارڻ دوران پير ترڪڻ سبب پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو.