ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مدرسي ۾ نابالغ ڇوڪريءَ سان غير اخلاقي حرڪتون ۽ تشدد جو واقعو:  متاثر نينگريءَ جي امڙ جوابدار عدنان ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ اوڀر پهچي وئي، هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار عدنان منهنجي ڌيءَ سان غير اخلاقي حرڪت جي ڪوشش ڪئي، جوابدار جي شڪايت مدرسي جي ليڊي ٽيچر کي ڪئي، جنهن يقين ڏياريو ته آئينده اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو، شڪايت بعد مدرسي جي ليڊي ٽيچر، جوابدار عدنان ۽ ٻين گڏجي منهنجي ڌيءَ تي تشدد ڪيو، جوابدارن ڌمڪيون ڏنيون آھن ته جيڪڏھن توھان ڪنهن کي واقعي بابت ٻڌايو ته چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ويندو، هن چيو ته  جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.