ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رھواسين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هني، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي نصير ڀنڀرو، مير ممتاز بلر، مشتاق لوھاچ ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ گل محمد بلر، فضل محمد لوھاچ، الھڌتو راڄپر، غلام رسول شاهه ۽ ٻين ڳوٺن مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته پنجن مھينن کان دانهون ڪري رهيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، ھنن چيو ته بااثر ٺيڪيدار ڪروڙين رپيا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي مد ۾ ڪوڙا ووچر ٺاھي هڙپ ڪري ويو آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.