جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ شهري محمد نواز رند پاران اٽي بحران ۽ ڪڻڪ افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ڊي سي، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر، اي ٽي او ايڪسائيز، ڪسٽم انسپيڪٽر پيش ٿيا، جڏهن ته ايس ايس پي پيش نه ٿيو، عدالت لاڳاپيل عملدارن کان اٽي بحران ۽ ڪڻڪ جي اسٽاڪ بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو، لاڳاپيل اختيارين رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ عدالت  کان مهلت گهري ورتي، جنهن کان پوءِ عدالت داخل درخواست جي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.