حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف ڌرين پاران ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا. سجاول جي ڳوٺ بچل ڪهرائي جي رهواسي رٽائرڊ استاد عبدالرزاق ڪهراڻي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج جاري رکيو. هن چيو ته علائقي جي بااثر ماڻهن روينيو عملدارن سان ملي سندس زمين تي قبضو ڪيو آهي جن خلاف دانهڻ باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي. لالو لاشاري جي شاهه لطيف ڪالوني سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر پورهيت امير علي چانڊيو معصوم ٻارن سميت سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ بي گهر ٿيو. اڃا تائين رهڻ لاءِ سندس گهر ناهي جنهن ڪري هو معصوم ٻارن سميت فٽ پاٿ ۽ چوڪن چوراهن تي کليل آسمان هيٺ رهي ٿو. هوسڙي جي رهواسي انور ملاح علائقي ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي سميت ٻي منشيات جي وڪري خلاف احتجاج جاري رکيو. هن چيو ته منشيات فروش پوليس کي لکين رپيا منٿلي ڏئي ڪڌو ڪاروبار ڪرائين ٿا جنهن ڪري نوجوان نسل ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ڄام نواز علي جي ڳوٺ عبدالرحمان کوسو جي رهواسڻ ناري امينه سولنگي پنهنجي مڙس عبدالعزيز کوسو سان گڏ وارثن پاران ملندڙ موتمار ڌمڪين خلاف دانهيو. هن چيو ته گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد سندس وارث مڙس سميت ڪارنهن جو الزام هڻي قتل جون ڌمڪيون پيا ڏين. پوليس ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو.