ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀريا سٽي ويجهو ڳوٺ عثمان سولنگي ۾ ارڙي وگھي فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي اسماءَ سولنگي ۽ 15 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا هجڻ جون خبرون ميڊيا تي هلڻ جو ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدر آباد ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ سخت نوٽيس ورتو. ڳوٺ عثمان سولنگي ۾ ارڙي وبا ۾ متاثر ٻارڙن کي ھنگامي بنيادن تي صحت کاتي حيدرآباد جي ٽيم ڊاڪٽر نويد مسعود (پي ڊي ايس آر يو) موڪلي فوري علاج شرو ع ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي جي هيلٿ جي حڪم تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون متاثر ڳوٺ عثمان سولنگي ۾ پهتيون جنهن ۾ ٻارڙن جا ماهر ڊاڪٽر پهتا جن ڳوٺ اندر بيمار ٻارن جو معائنو ڪيو، ڊاڪٽرن پاران 14 ٻارڙا بيمار قرار ڏنا ويا، جن کي فوري طور علاج شروع ڪري انهن کي دوائون فراهم ڪيون ويون، کين گهرن اندر ئي آئيسوليٽ ڪرڻ جو چيو ويو. جڏهن ته هڪ ڏيڍ سال جي نينگر شهريار سولنگي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس نواب شاهه جي چلڊرين اسپتال ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.، جڏهن ته 20 کان مٿي ٻارڙن کي ارڙيءَ جي بچاءَ جا ٽڪا هنيا لڳايا ۽ 6 ڪلو ميٽرن تائين سمورن ڳوٺن اندر ٻارڙن جي سروي ڪري انهن کي ٽڪن هڻڻ سان گڏ مرض بابت به ڄاڻ ورتي.