ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ اميد علي نائچ ۾ 30 سالن جو نوجوان رياض نائچ ڪاري ڪامڻ سبب فوت ٿي ويو. جڏھن ته گذريل ٽن مھينن دوران ساڳي ئي خاندان جا ٻه ڄڻا شھمير نائچ ۽ سيما نائچ پڻ ڪاري ڪامڻ ۾ فوت ٿي ويا ھئا ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي نياز نائچ ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ جر جو پاڻي انتھائي خراب آھي جنھن سبب ڪاري ڪامڻ جو مرض تمام گھڻو ڦهلجي ويو آھي. ھن وزيراعليٰ سنڌ، صحت کاتي جي وزير ۽ ڊي جي ھليٿ کان اپيل ڪئي آھي ته ھيپائيٽس ڪنٽرول پروگرام سميت صحت کاتي جي ٽيمن کي ڳوٺ ڏانھن اماڻي علائقي واسين جي چڪاس ڪرائي بچاءَ جا ٽڪا ھڻائي قيمتي انساني جانيون بچايون وڃن.