حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ اي ايس پي سٽي علينا راڄپر ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايچ او ضياد علي نوناري سان گڏ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته ڄامشورو روڊ وٽ ڦليلي موڙ تي ڏوهه جي ارادي سان موٽرسائيڪلن تي سوار 8 مشڪوڪ ماڻهو بيٺل هئا جن پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران پوليس ٻن ڏوهارين ڪراچي موري جي رهواسي رشيد ملاح ۽ ڳوٺ سڄڻ ڏيٿو جي رهواسي محمد علي عرف ڏاڙهون شيخ کي سوگهو ڪري ورتو جن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.