سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شھر جي محرابپور روڊ تي ملاح محلي مان چار سالن جو معصوم نينگر سراج ولد الھداد ملاح پنھنجي پاڙي ۾ راند ڪندي گذريل ٻن ڏينھن کان لاپتا آهي، وارثن پاران سڪرنڊ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي. معصوم سراج جي والد ايس ايس پي نواب شاهه کان نينگر کي ڳولڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي، سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ کان پوءِ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي ۽ اي سي سڪرنڊ جي حڪم تي محرابپور روڊ تي حيدري مسجد واري علائقي ۾ امڪاني طور معصوم نينگر جي گٽر ۾ ڪرڻ جي خدشي سبب آسپاس پاس جي علائقن ۾ صفائي واري عملي پاران گٽرن ۾ به نينگر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي.