نوري آباد (ن پ ا) ڪوهستان جي ڏورانهن ۽ جابلو علائقي ڪاري جبل ڀرسان ڪيترائي ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن، برسات جو گڏ ٿيل پاڻي پيئندا هئاسين، اهو به هاڻي ختم ٿي چڪو آھي. ان ڏس ۾ ڪوهستان جي علائقي ڪاري جبل ڀرسان ڳوٺ وليداد پالاري، ڳوٺ خميسو پالاري، ڳوٺ ڦوٽو پالاري ، ڳوٺ ڦل پالاري، ڳوٺ مٺو پالاري، ڳوٺ روال ميوساڻي پالاري ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي توڙي ٻين ڪيترين ئي جياپي جي بنيادي سهولتن کان واجهيل آھن. ڳوٺاڻن ۾ ميرخان پالاري اعجاز پالاري ميرحسن پالاري يارو پالاري بلاول پالاري رمضان پالاري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل ڪافي عرصي کان پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھيون. پاڻي جو ٽينڪر پندرنهن ڏينهن به نه ٿو هلي. ٽينڪر مافيا پاڻي جا اگھهه عروج تي چاڙهي ڇڏيا آهن، جنهن سبب رڌ پچاءُ به نٿي ٿي سگهي. چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آھيون. وؤٽ وٺڻ بعد چونڊيل نمائندن ڪا به سار نه لڌي آهي. ئي اسان پ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلئ سنڌ سيد مراد علي شاهه توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي پاڻي جهڙي نعمت کان محروم نه ڪيو وڃي وقت جي سنڌسرڪار توڙي يوسي انتظاميا کي گهرجي ته فورن تڪڙا قدم کڻي ڪوهستان جي ڏورانهن ۽ جابلو ماڳن جي ڳوٺن کي پاڻي پهچائڻ جي لاء جوڳا بندوبست ڪري ڏناوڃن ته جيئن ڳوٺاڻن کي رليف ملي سگهي.