ڀرياروڊ (رپورٽ: مجيد چوهاڻ) ڀرياروڊ ۾ پورهيت لٺيون ۽ لوهي سريا هڻي بيدردي سان قتل، گهر مان چچريل لاش هٿ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شهر جي ڪيريا محلي ريلوي ڦاٽڪ وٽ نامعلوم جوابدارن 50 سالا خالد عرف گلو پنجابي کي لٺيون ۽ لوهي سريا هڻي بيدردي سان قتل ڪري گهر کي ٻاهران تالو هڻي ڇڏيو، اڌڙوٽ شخص جو گهر مان چچريل لاش هٿ ڪيو ويو، پاڙيوارن جي اطلاع تي پوليس پهچي گهر کي ڏنل تالو کولي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول شخص ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان گاڏين جي سروس جو پورهيو ڪندو هو، هو گذريل ڪجهه ڏينهن کان گهر ۾ اڪيلو هو سندس گهرڀاتي پنجاب ويل هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي هر صورت قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.