لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ڀرسان يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ جي گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز ھاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر زاهد سومرو مٿان 6 ڪلاس جي شاگردياڻي( ز) سان مبينا زيادتي جي ڪوشش جو جرڳو ڳوٺ عثمان خان جماراڻي ۾ وڏيري طفيل جماراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جرڳي ۾ وڏيري پاران هيڊ ماستر زاهد سومرو کي ڏوهي قرار ڏيندي 5 لک رپيا چٽي رکي تاحيات اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب جرڳي ۾ يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ مان تازو چونڊجي آيل چيئرمين شاهد شيخ سميت اسڪول جي ٻين استادن عملي ۽ الزام هيٺ آيل هيڊ ماستر زاهد سومرو جي مائٽن توڙي شاگردياڻي جي مائٽن به شرڪت ڪئي. فيصلو ڪندڙ وڏيري طفيل جماراڻي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هيڊ ماستر زاهد سومرو شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي تنهن ڪري هو ڏوهي آهي ۽ کيس 5 لک رپيا چٽي طور ادا ڪرڻا پوندا ۽ تاحيات هيڊ ماستر اسڪول نه ايندو جيڪڏهن هيڊ ماستر فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته کيس ٻيهر چٽي جي رقم ادا ڪرڻي پوندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ رشيد وڳڻ گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلس ھاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڳوٺ سلطان خان جماراڻي جي رهواسڻ 6 ڪلاس جي  شاگردياڻي( ز) سان هيڊ ماستر زاهد سومرو مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ شاگردياڻي جي وارثن پاران حد جي ٿاڻي تي  پڻ اهڙي شڪايت داخل ڪرائي هئي پر معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ عثمان جماراڻي جي بااثر وڏيري طفيل پاران ڌرين کي راضي ڪري پاڻ وٽ ڳجهه ڳوهه ۾ جرڳو سڏائي اهڙو فيصلو ٻڌايو آهي اهڙي جرڳي کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سول سوسائٽي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي جرڳائي وڏيري ۽ هيڊ ماستر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.