دادو ( رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ضلعي جي دادو ، جوهي ، ڪي اين شاھ ۽ ميهڙ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ شروع ٿي ويو آهي ، پر خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ناهي ڪيو ويو جنهن سبب خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب جي واپارين دادو ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن ، ٻاهريان واپارين پاران 9هزار 800 روپين جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري منتقل ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف خوراڪ کاتي دادو پاران ڪڻڪ خريداري جو عمل شروع ناهي ڪيو ، ٻڌايو پيو وڃي ته دادو جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ کڻي کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ فوڊ کاتي جي ڊائريڪٽر سيد امداد علي شاھ پاران ڊي ايف سي دادو شهزاد شاهاڻي کي هٽائي حسن علي مگسي کي ڊي ايف سي دادو مقرر ڪيو آهي. 9 فوڊ انسپيڪٽر معطل ٿيڻ بعد ضلعي ۾ رڳو 4 فوڊ انسپيڪٽر ڪم ڪرڻ لڳا آهن،. دادو ضلع جي 9 ، فوڊ انسپيڪٽرن کي معطل ڪرڻ کانپوء دادو ضلع ۾ هن وقت صرف 4 فوڊ انسپيڪٽر موجود آهن ۽ دادو ضلع جي دادو ، ميهڙ ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي تعلقن ۾ 35 ، ڪڻڪ خريداري جا سينٽر آهن.