ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيد آباد ۾ ٻوڏ متاثر گھراڻي ۾ جاڙن ٻارن جو جنم ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ٻوڏمتاثر يونين ڪائونسل بوبڪ واسي زرينه چانڊيو هاءِ اسڪول ڀان سيدآباد جي ڪئمپ ۾ ٻن ٻارن کي جنم ڏنو آهي،مسمات زرينه چانڊيو کي ڄاول ٻن نينگرن جا اربيلي ۽ شهزادي نالا رکيا ويا آهن،ان سلسلي ۾ مسمات زرينه چانڊيو ٻڌايو ته صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب هاءِ اسڪول جي ڪئمپ ۾ ٻارڙين کي جنم ڏنو، ٻئي نينگريون صحتمند آهن، پراسين ٻوڏ متاثر آهيون، کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي، سرڪار واهر ڪري.