ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ رنگ بند ٻڌي شھر بچائيندڙ نوجوانن توڙي ٽائيم نيوز پاران مسلسل ڪوريج ڏيڻ کي ھمٿائڻ ۽ جس پيش ڪرڻ  لاء سنڌ عوامي سٿ پاران آجياڻو ڏنو ويو آجياڻي ۽ جس پيش ڪرڻ لاء ناميارو شاعر مھر ڊرٻائي ، رياض کيمٽيو ، رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻيا ميھڙ پھتا ھنن ميھڙ جي نالي واري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ٽائيم نيوز ميھڙ جي رپورٽر عبدالرحمن قمبراڻي، ميھڙ جي نوجوان جوڌن عمران مگسي ، ياسر مگسي ، سجاد چانڊيو ، عمران پاھي ، ابوذر ٻگھيو، پرنس اختر جويو، شفيق ٻرڙو ،فراز چنا ،منظور مھيسر، صابر ڪولاچي، عمران تيوڻو ،فتاح شاھ، شڪيل عطار، صوفي امتياز، امجد تنيو جان محمد جھنڊير ۽ ٻين کي اجرڪ پارائي قومي سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي نامياري شاعر ۽  سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي صدر مھر ڊرٻائي چيو تہ سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ پاڻي سورن ۽ ڏکن جو ڊگھو داستان آھي، ڪراچي ۾ متاثرين کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ميھڙ جي ماڻھن ھمت ڪئي، کين جس ھجي جتي رياست پئسا ۽ جديد سسٽم ھوندي گوڏا کوڙيا اتي نوجوانن ۽ عورتن ھٿن سان ڪٽا ڀري شھر بچائڻ جو مثال قائم ڪيو. ان تي حڪمرانن کي ٻڏي مرڻ کپي پ پ پ جا نمائندہ چون ٿا تہ سنڌ ۾ 12سالن ۾ ڪو ڪم نہ ٿيو ھن ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتي وارا گم ھئا ، خود مختيار ملڪ ۽ قانون ھوندي ادار ڪٿي گم ھئا ، پاڻي کي رستا ڏيڻ لاء دنيا ۾ ڪٿي بہ مقامي سردارن ، ڀوتارن وڏيرن کي ڪو بہ اختيار ناھي پر افسوس اسان وٽ چونڊيل نمائندھ ھڪ ٻئي جا ڳوٺ ٻوڙائڻ ۾ پورا ھئا سنڌ جا ماڻھو حڪومت تي ڀاڙڻ بجاء ميھڙ جي نوجوانن وانگر نڪرڻ کپي، ماڻھو حڪمرانن جي راشن جي ڪٽي تي ڀاڙڻ بجاء پاڻ اڳتي اچن سنڌي ماڻھو ھن صورتحال ۾ ڪراچي اچن ھن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ ميڊيا پنھنجو پاڻ ملھايو آھي خصوصن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار وارن ٻوڏ واري صورتحال کي چڱي طرح وائکو ڪيو آھي.