ڪراچي (نمائندن وٽان) برسات متاثر علائقن ۾ ڦهليل بيمارين تي ضابطو نه آيو، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 6 ٻارڙن ۽ 5 عورتن سوڌو وڌيڪ 19 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا، علاج جون سهولتون اڻلڀ، خبر موجب ميھڙ ڀرسان قاضي عارف روڊ سيلر ۾ ترسيل متاثر پيرسن عورت نازان کوسو بک ۽ گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ آڍو خان گاڏهي واسي ٻوڏ متاثر درزي 45 ورهين جو محمد حسين گاڏهي مليريا ۽ هيپاٽائٽس سي سبب ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فريدآباد لڳ ڳوٺ نور محمد بروھي واسي ٻوڏ متاثر عبدالقادر بروھي جي 5 ورھين جي ڌيءُ سميرا بروھي گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ ڊاڪٽر بجار لغاري ۾ مليريا ۽ گيسٽرو سبب 2 عورتون جنت ۽ فاطمه لغاري فوت ٿي ويون، جڏهن ته هڪ عورت نصرت لاعلاج ٿي گهر منتقل ٿي وئي آهي، اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ گوڏانگڙي جو رهواسي 50 ورهين جو چوٿو ڪولهي مليريا وگهي فوت ٿي ويو، ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ کينسر واسي مدرسي جي شاگردياڻي 10 ورهين جي نينگري تيز بخار سبب فوت ٿي وئي، ٺارو شاهه ويجهو ڳوٺ ڦلو واسڻ 10 سالا دعا سولنگي گيسٽرو وگهي فوت وئي، نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ مراد سولنگي واسي نوجوان آچر سولنگي مليريا سبب فوت ٿي ويو، دوداپور ڀرسان ڳوٺ سنجر بليدي ۾ مليريا سبب 48 سالن جو محمد اسلام بليدي فوت ٿي ويو، ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ فتح محمد ڌوئنرو واسي عاشق علي جو 10 سالن جو پٽ غلام حيدر مليريا وگهي فوت ٿي ويو، ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان واسي 45 سالن جو موندر خان کوسو گيسٽرو سبب دادو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ نور خان جتوئي واسي پورھيت معشوق علي جتوئي رليف ڪيمپ ۾ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، پير جو ڳوٺ ويجهو گيسٽرو وگهي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ اقبال ڀٽو ۽ غلام قادر ڀٽو، جڏهن ته ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ 16 سالن جي صبا ڌيءُ حاتم علي چانڊيو ۽ ڳوٺ جهٻر شيخ ۾ 5 ورهين جو معصوم فرحان شيخ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ حاجي قيصر خان گرگيج جو رهواسي  12 سالن جو نينگر شهزاد شيخ زيد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، روهڙي تعلقي اسپتال ۾ مليريا وگهي پيرسن عورت مسمات فاطمه مگسي فوت ٿي وئي، حيدرآباد ضلعي ۾ قائم رليف ڪئمپن ۾ بيماريون عام ٿيڻ بعد وڌيڪ 164ٻوڏ متاثر ڊائريا جو شڪار ٿي ويا آهن، صحت کاتي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران رليف ڪئمپن ۾ مختلف مرضن ۾ مبتلا 1351 مريضن جو علاج ڪيو ويو،