دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن لڳ ڪچي ۾ محبوب شاهه محلي واسي 30 سالا نوجوان شهمير ڏاهري ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش مقامي ٺوٻن ڪافي ڳولا بعد هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتي نوجوان اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر بھادر ڏاھري جو ماروٽ ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ڪچي ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ کي ماني ڏئي واپس اچي رھيو ھو ته پير ترڪڻ سبب ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو،