همايون شريف (ن پ ا) ڳوٺ پير بخش ليهي واسي نينگر يار محمد پٽ محمد ابراهيم ليهي صبح جو سوير گاهه ڪرڻ ويو ته نه موٽيو،وارثن ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڳولا ڪئي، 9 ڪلاڪن بعد نينگر جو لاش 11 هزار وولٽيج تارن ۾ وچڙيل ڏسي ڳوٺاڻن نينگر جي وارثن کي اطلاع ڏنو، وارث لاش رڪشا ذريعي ڳوٺ کڻائي ويا، محمد ابراهيم ليهي جو چوڻ هو ته تارون ڪريل آهن، واپڊا وارن کي شڪايت ڪئي پر ڌيان نه ڏنو ويو،