گواليار(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي شهر گواليار جي رهواسي انجنيئر جي 2 گهر وارين مڙس سان گڏ رهڻ لاءِ پاڻ ۾ انوکو معاهدو ڪري ورتو آهي. هريش ديوان ٻڌايو ته ڄاڻايل معاملو تڏهن منظرعام تي آيو جڏهن گواليار جي هڪ انجنيئر پنهنجي هڪ ڪوليگ سان ٻي شادي ڪري ورتي، جڏهن ته 2018ع ۾ هن جي پهرين شادي ٿي وئي هئي ۽ ڪورونا وبا دوران هن پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي والدين وٽ ڇڏي پاڻ گروگرام منتقل ٿي ويو هو. وڪيل ٻڌايو ته عورت جو مڙس جڏهن 2 سالن تائين گهر واپس نه موٽيو ته هن کي شڪ ٿيو ۽ هوءَ گروگرام ۾ مڙس جي آفيس پهتي جتي هن کي هن جي ٻي شادي بابت خبر پئي. جهيڙن کانپوءِ معاملو عدالت پهتو. پر مڙس پنهنجي ٻي گهر واريءَ کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٽنهي وچ ۾ گڏيل رضامندي سان اهو معاهدو طئي ٿيو ته مڙس هفتي جا ٽي ڏينهن هڪ ۽ هفتي جا ٽي ڏينهن ٻي گهر واريءَ سان گڏ گذاريندو، جڏهن ته هفتي جو هڪ ڏينهن اهو پنهنجي مرضيءَ سان جنهن سان گذارڻ چاهي گذاري سگهي ٿو.